لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو آهي.
ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ کان اڳ ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن جو ڪووڊ ٽيسٽ پازيٽيو آيو آهي.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪووڊ جي علامتون ظاهر ٿيڻ تي وليمسن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪئي وئي هئي.
UPDATE: Coach Gary Stead confirms captain Kane Williamson will miss the second Test against England in Nottingham on Friday, after testing positive for Covid-19 the night before the match. Hamish Rutherford will replace him in the squad #ENGvNZ pic.twitter.com/9B0a9zt9JU
— BLACKCAPS (@BLACKCAPS) June 9, 2022
ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڪين وليمسن انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ نه کيڏندو ۽ سندس غيرموجودگي ۾ هميش ردفورڊ کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٽام ليٿم ٽين جي ڪپتاني ڪندو.