ڪراچي وارن تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرايو ويو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ في يونٽ بجلي 6 رپيا 40 پئسا مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيپرا جي فيصلي موجب آڪٽوبر کان ڊسمبر 2021 جي ٽن مهينن تحت 6 رپيا 49 پئسا ۽ اپريل کان جون 2021 جي ايڊجسٽمينٽ تحت بجلي هڪ رپيو 33 پئسا مهانگي ڪئي وئي آهي.

جولاءِ کان سيپٽمبر 2021 جي ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ بجلي 95 پئسا سستي ڪئي وئي، جڏهن ته جنوري کان مارچ جي ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ بجلي 47 پئسا سستي ڪئي وئي آهي.

واهپيدارن تي نيپرا جو فيصلو وفاقي حڪومت جي منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.