پارليامينٽ ميمبرن جو گستاخاڻي بيانن خلاف ڀارتي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاج

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي جي اڳواڻن جي گستاخاڻي بيانن خلاف پارليامينٽ ميمبرن احتجاجي ريلي ڪڍي.

ميمبر پارليامينٽ هائوس کان ڀارتي هاءِ ڪميشن ويا، ان موقعي تي هنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌيون هيون ۽ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا هئا.

سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي قيادت ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن جي ٻاهران پرامن احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ اقليتي سينيٽرز به شريڪ ٿيا، احتجاج ڪندڙن بي جي پي اڳواڻن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

احتجاج دوران خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته پاڻ سڳورن صه جن دنيا لاءِ رحمت بڻائي موڪليا ويا آهن، گستاخاڻي بيانن سان سڄي دنيا جي مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيا آهن.

واضح رهي ته سينيٽ ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي اڳواڻن پاران گستاخاڻي بيانن خلاف مذمتي ٺهراءُ به منظور ڪيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.