توهين مذهب ڪيس: پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم ۾ واڌ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين مذهب جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن کي گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اطهر من الله توهين مذهب جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ۽ قاسم سوري خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته هاڻي جيڪي ڪيس ٿيا آهن، انهن ۾ ڇا ٿيو؟ ان تي درخواستگذارن جي وڪيل چيو ته اسان کي خبر ناهي ته اسان خلاف ڪيترا ڪيس داخل آهن.

وڪيل جي جواب تي عدالت گھرو سيڪريٽري کي ڪيسن جي تفصيل بابت رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته ڪجهه وقت ڏيو، مان گھرو سيڪريٽري طرفان رپورٽ پيش ڪندس.

ان کانپوءِ عدالت فواد چوڌري ۽ قاسم سوري سميت ٻين کي گرفتار نه ڪرڻ جي حڪم ۾ 28 جون تائين واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.