” مان هتان وڃي رهيو آهيان، ڏک آهي ته هر ڪنهن استعمال ڪيو“

گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويل ايم اين اي عامر لياقت حسين جو موت کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ صحافي ڏانهن موڪليل آخري مبينا وائس نوٽ سامهون اچي ويو آهي.

ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ارم عظيم فاروقي طرفان سوشل ميڊيا تي عامر لياقت حسين جي تصوير سان هڪ وائس نوٽ شيئر ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو آهي ته عامر لياقت هڪ صحافي کي آخري وائس نوٽ موڪليو جنهن جي پڄاڻي انتهائي ڏکوئيندڙ هئي، الله پاڪ عامر لياقت جي مغفرت فرمائي .

شئير ڪيل وائس نوٽ ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته عامر لياقت ڀريل آواز ۾ چئي رهيو آهي ته ” ٻڌندا ته سڀئي آهن پر ته گهٽ ۾ گهٽ سمجهندا آهيو، انڪري مان جڏهن ته هتان وڃي رهيو آهيان ته دل تمام گهڻي ڏکاري آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جا والدين هجرت ڪري هتي رهڻ لاءِ آيا هئا، ۽ هي ( پاڪستان ) هر وقت عزيز رهندو.

عامر لياقت وائس نوٽ ۾ چئي رهيو آهي ته مان دنيا ۾ ڪٿي به هجان، دل ته پاڪستان لکيل آهي، منهنجو ته رت به شايد سائو هوندو، مان تمام گهڻو ڏکارو آهيان، سڀني استعمال ڪيو.

وائس نوٽ ۾ هو وڌيڪ چئي رهيو آهي ته واپس ته ڪڏهن به موٽي نه ايندس، پر اوهان ڏسندئو ته مونکي، منهنجو رنگ جيڪو مون هتي لڪائي رهيو ۽ ماڻهو اهو نه ڏسي سگهيا، ماڻهو تڙپندا پر مان واپس نه ايندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.