اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايندڙ مالي سال ۾ پگهاردار طبقي لاءِ ماهوار هڪ لک رپيو پگهار تي ڪو ٽيڪس نه هوندو.
بجيٽ دستاويز موجب وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 23-2022 جي وفاقي بجيٽ ۾ انفرادي ڪاروباري ٽيڪس ڏيندڙن ۽ اي او پيز لاءِ ٽيڪس جوڳي آمدني جي حد چار لک رپين مان وڌائي 6 لک رپيا ڪري ڇڏي آهي.
ننڍن واپارين لاءِ فڪسڊ انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس نظام آڻڻ، اڍائي ڪروڙ رپيا ماليت کان وڌيڪ جي هڪ کان وڌيڪ منتقل نه ٿيڻ جوڳي ملڪيت رکندڙن تي فيئر مارڪيٽ ويليو جي 5 سيڪڙو جي برابر آمدني تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي.