وائرل ويڊيو : ” سٺو هئس يا خراب ان جو اندازو منهنجي جنازي مان لڳائجو “

گذريل ڏينهن ڪراچيءَ ۾ 49 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويل قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي وفات کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سندس پنهنجي موت ۽ جنازي بابت ڪيل هڪ ڳالهه ٻولهه واري ويڊيو  تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي.

وائرل ويڊيو ۾ عامر لياقت کي صحافي جي سوال جي جواب ۾ اهو چوندي ٻڌي سگهي ٿو ته ماڻهو ڪنهن سان ڪيترو پيار ڪندا ان جو اندازو ڪنهن شخص جي جنازو ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.

عامر لياقت حسين چيو ته جيڪڏهن منهنجي جنازي ۾ ماڻهن جو انگ گهٽ هجي ته سمجهو وڃجو ته مان سٺو شخص نه هئس، جيڪڏهن وڌيڪ هجي ته سمجهجو ته مان سٺو ماڻهو هئس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.