پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافي جو اشارو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافي جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي ميڊيا سان غير رسمي گفتگو ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن عالمي سطح تي اگهه گهٽ نه ٿيا ته اسان کي به پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائڻا پوندا.

هن چيو ته هن وقت پيٽرول تي 9 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 28 رپيا في ليٽر سبسڊي آهي، اها سبسڊي نه پر قرض وڌي رهيو آهي، وقت سان گڏ اهي اگهه ايڊجسٽ ڪرڻا پوندا يا وڌائڻا پوندا.

سندس چوڻ هو ته بجيٽ ۾ جيترو ممڪن ٿي سگهيو رليف ڏينداسين، تيل جي جيڪا خريد جي قيمت آهي، ان تي وڪرو ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.