اڄ کان عدت ۾ آهيان: دانيه ملڪ

قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيه ملڪ چيو آهي ته هوءَ اڄ کان عدت ۾ آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي دانيه ملڪ طرفان ڪيئي انسٽاگرام اسٽوريز شيئر ڪيون ويون جن ۾ هن مٿس تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏنا آهن.

دانيه انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي جنهن ۾ مٿس تنقيد ڪندي عدت بابت سوال ڪيو ويو .

تنقيد ڪرڻ واري واهپيدار لکيو ته جيڪڏهن بيواهه آهيو ته اوهان کي گهرجي تي عدت ۾ ويهو ڇو جو جتي عدت جو حڪم آهي اتي حق مهر جو به آهي.

سوشل ميڊيا واهپيدار جي تنقيد تي دانيه لکيو ته هوءَ اڄ کان عدت ۾ آهي.

هڪ تنقيد تي دانيه جواب ڏيندي چيو ته مون تي جيتري تنقيد ڪرڻي اٿوَ ڪري وٺو، عامر به ٻڌي روئيندو هو، مان به روئي وٺندس، الله ڏسڻ وارو آهي سڀ ڏسي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.