پي ٽي آءِ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شفقت محمود، حماد اظهر ۽ ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پوليس لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي الزام ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران پوليس پي ٽي آءِ جي 12 اڳواڻن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي اپيل ڪئي، جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.

عدالت جاچ آفيسر جي درخواست تي زبير خان نيازي، ميان محمود الرشيد، شفقت محمود، ياسمين راشد، حماد اظهر، اعجاز چوڌري، ميان اسلم اقبال، مراد راس، ياسر گيلاني، امتياز محمود شيخ، نديم عباس ۽ عندليب عباس جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

هوڏانهن گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن عبوري ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.