موت کان اڳ عامر لياقت ڪنهن سان چيٽ ڪري رهيو هو؟

قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي موت کان اڳ ميزبان مٿيرا سان ڪئي چيٽ وائرل ٿي رهي آهي.

مٿيرا عامر لياقت سان چيٽ ۾ ٿيندڙ گفتگو کي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو آهي.

مٿيرا ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ عامر لياقت ساڻس ملاقات جو چئي رهيو آهي جنهن ۾ سندس چوڻ آهي ته الڳ سان ملڻ چاهيندس جيئن ڪير مونکي ٻڌي سگهي ۽ وري شايد احقمن کي سمجهائي جيڪي مونکي ڪڏهن نه سمجهي سگهيا.

عامر لياقت جي ڳالهه تي مٿيرا چيو ته ” سر اوهان پريشان نه ٿيو، مان ۽ منهنجي ٽيم اهو سمجهي سگهي ٿي، جنهن تي عامر لياقت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته اسان جلد ملنداسين“

مٿيرا پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ ڪيپشن ۾ لکيو آهي ته عامر لياقت جي لاڏاڻي جي خبر ڀوائتي ۽ افسوس جوڳي آهي، هڪ انٽرويو لاءِ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئس ۽ ناقدين سبب اداس هو.

هن چيو ته عامر لياقت مون سان انٽرويو بابت ڳالهه ڪئي هئي ڇو جو ماڻهو اهڙي وقت ۾ مٿس ٺٺولون ڪري رهيا هئا جڏهن ته کيس سڀ کان وڌيڪ مدد جي گهرج هئي، سندس اڳوڻي گهرواري سندس اڻوڻدڙ ويڊيوز ليڪ ڪيون، ۽ ڏکئي وقت ۾ عامر لياقت سان ڪو به نه بيٺو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.