اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نئين مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بجيٽ تجويزون پيش ڪيون ويون.
اجلاس ۾ ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ فنانس بل 23-2022 جي منظوري ڏني.
ڪابينا تجويزون منظور ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ جي منظوري ڏني، گڏوگڏ ڪابينا سرڪاري ملازمن جو ايڊهاڪ الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.