نمرا ڪاظمي کي مرضي جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾گهران نڪري پنجاب ۾ پرڻو ڪندڙ ناري نمرا ڪاظمي  جي مڙس شاهه رخ جي وڪيل  انڪشاف ڪيو آهي ته صوبائي وزير شهلارضا نمرا ڪاظمي تي دٻاءُ وجهي حراسان ڪري  رهي آهي. جڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ نمرا ڪاظمي اغوا  ڪيس جي ٻڌڻي دوران نمرا ڪاظمي ۽ سندس مڙس شاهه رخ  کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ نمرا ڪاظمي چيو ته مون پنهنجي مرضي سان شاهه رخ سان شادي ڪئي، مان 18 سال جي آهيان، پنهنجي مڙس سان رهڻ چاهيان ٿي .عدالت نمرا ڪاظمي جي بيان کان پوءِ 5 لک مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي نمرا ڪاظمي کي پنهنجي مرضي سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نمرا ڪاظمي جنهن سان گڏ رهندي، اهو زر ضمانت 5 لک رپيا جمع ڪرائڻ جو پابند هوندو.عدالت ۾ شاهه رخ جي وڪيل چيو ته صوبائي وزير شهلا رضا جي حڪم تي شيلٽر هوم ۾ نمرا ڪاظمي جو کاڌو ۽ پاڻي بند ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن کي مڙس سان به ملڻ جي اجازت نه آهي .عدالت فوري طور تي جاچ آفيسرکي روسٽرم تي طلب ڪيو .عدالت چيو چا نمرا ڪاظمي جي ملاقات تي پابندي لڳائي وئي آهي؟ .جاچ آفيسر چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اهڙو ڪو به حڪم نه ڏنو آهي.عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پوءِ ملاقات تي پابندي ڇو آهي .کاڌو ۽ پاڻي ڇو نه ڏنو پيو وڃي .ڇا شيلٽر هوم ۾ ڇوڪرين سان اهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي؟ جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته هن جي ڄاڻ ۾ نه آهي نه ئي ملاقات تي پابندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.