اڏيري لعل لڳ اوستا محمد واسي پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا،20 لک رپيا ڀنگ طلب

اڏيرو لعل اسٽيشن (رپورٽ:سڪندر ساهو وال) اڏيري لعل اسٽيشن ٿاڻي جي حد ڪنڊو پير وٽ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندڙ اوستا محمد  واسي مزدور سردار پٽ جان محمد جمالي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو.ڌاڙيلن مغوي جي وارثن سان رابطو ڪري ڀنگ طلب  ڪري ورتو. مبينا اغوا ٿيل پورهيت سردار جمالي جي ڀاءُ عابد جمالي جو چوڻ آهي ته هن جو ڀاءُ 15 ڏينهن اڳ ڀٽ شاهه جي درگاهه لطيف تي حاضر ڀرڻ جو چئي گهران نڪتو  جڏهن ته اسان کي ڪالهه سندس موبائل نمبر تان فون ڪال آئي ته اوهان جو ماڻهو اسان وٽ قيد آهي، 20 لک رپيا ڀنگ ڏيو ته آزاد ڪنداسين، پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ لاش موڪلينداسين. عابد جمالي جو چوڻ هو ته هن جو ڀاءَ موبائل فون تي ڇوڪرين سان ڳالهائيندو هو، اسان کي شڪ آهي ته ڀاءُ کي ڌاڙيلن عورتاڻي آواز ۾ هرکائي گهرائي اغوا  ڪيو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان مسڪين آهيون، مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون، اسان 20 لک رپيا ڪٿان آڻيون، جو ڌاڙيلن کي  ڏئي سگهون. هن اسان آءِ جي سنڌ پوليس، ايس ايس پي مٽياري ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڀاءُ کي ڌاڙيلن کان آزاد ڪرائي حياتي بچائي وڃي. ٻئي پاسي ڊي ايس پي کيبراڻي موجب وارثن اسان کي اطلاع ڪيو آهي پر اڃان تائين هنن ڪيس داخل ناهي ڪرايو، اسان  واقعي جي هر پاسي کان جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.