ساماري لڳ گهرو اڻبڻت تان سالي هٿان ڀيڻيوو قتل

سامارو (رپورٽ:ڪيول سورماڻي) ساماري جي ڳوٺ فاضل واسي پيرسن 60 سالن جي ياسين پٽ غلام قادر بروهي جو مٺڙائو ڪينال جي  ڍاڪي ۾ گوليون لڳل لاش هٿ آيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال آندو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. سامارو ٿاڻي تي مقتول جي ماروٽ عبدالحڪيم بروهي جي فرياد مقتول جي سالي رب نواز بروهي خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو. وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته گهرو اڻبڻت هلندڙ ھئي، راب نواز پيرسن ياسين بروهي کي ماني ۽ مڇي جي شڪار بهاني گهرائي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.هنن مطالبو ڪيو ته  جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.