منگھو پير ڀرسان ڦورن جي فائرنگ ۾ زخمي پوليس اهلڪار فوت

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي منگھو پير خير آباد ۾9 ڏينهن اڳ ڦر دوران  مزاحمت تي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پوليس اهلڪر عبدالله خان ڪالهه جناح اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو. عبدالله خان بڪتر نمبر 31471 سيڪيورٽي زون ون ۾ مقرر هو، ٻڌايو وڃي ٿو ته عبدالله خان اورنگي ٽائون سيڪٽر 16 جو رهواسي هو،   واقعي جي وقت مقتول اهلڪار ساٿين سان گڏ پنهنجي ڀيڻ جي گهر ڀرسان ويٺو هو ته موٽرسائيڪل سوار ٻه ڦورو آيا جن کانئس موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي عبدالله خان مزاحمت ڪئي ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو، کيس جناح اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي 9 ڏينهن بعد هن دم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.