مهانگائي سبب گذارو مشڪل بڻجي ويو:واپڊا ملازم آفيسن کي تالا هڻي سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد سکر (نمائندن وٽان) ملڪ ۾  وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، سرڪاري ادارن ۾ خالي پيل سيٽن تي ڀرتيون نه ڪرڻ ۽ امڪاني طور بجيٽ ۾ پگھارون نه وڌائڻ خلاف واپڊا هائيڊرو يونين جي سڏ تي حيسڪو ۽ سيپڪو جي ملازمن آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻا هنيا.سکر ۾ زاهد حسين شاهه، عبدالمجيد جسڪاڻي، شجاع علي گھمرو، علي مردان شيخ ۽ شفيع محمد ڪلوڙ جي اڳواڻي ۾ سيپڪو ملازمن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.لاڙڪاڻي ۾ سيپڪو ملازمن آفيسن جي تالابندي ڪري ريجنل چيئرمين نثار احمد شيخ، عبدالله سومرو، نظام ٻگهيو، رياض سانگي، علي محمد جتوئي، محمود پٺاڻ، هادي بخش جتوئي، رياض ڀٽي، مصطفيٰ چانڊيو، وسيم جتوئي، هاشم گاد ۽ جبار چانڊيو جي اڳواڻي ۾اولڊ پاور هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي جناع باغ چوڪ تي ڌرڻو هنيو.نواب شاهه ۾ ڊويزنل چيئرمين انور چانڊيو، اصغر خاصخيلي، غلام سرور لاشاري، مير محمد لکمير،سرفراز ميمڻ ۽ شوڪت چانڊيو جي اڳواڻي ۾ حيسڪو ملازمن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي اولڊ پاور ھائوس منوآباد کان احتجاجي ريلي ڪڍي. ميرپورخاص ۾ يوسف سومرو، اڪبر لغاري، شاهد ڪاظمي، سڪندر مهر ۽ ملڪ عبدالڪريم جي اڳواڻي ۾حيسڪو جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري حيسڪو آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. جڏهن ته حيدرآباد، ڄامشوري، ٽنڊي محمد خان، مٽياري، شهدادپور، سانگهڙ، دادو، جيڪب آبافد، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ واپڊا ملازمن احتجاجي ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا.مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي  واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يونين جي اڳواڻن چيو ته مهانگائي سبب گذارو مشڪل بڻجي ويو آهي، اهڙين حالتن ۾ حڪومت رليف فراهم ڪري.هنن چيو ته  ملڪ ۾ مهانگائي عروج تي پهچي چڪي آهي، گذريل حڪومت ملڪ کي آءِ ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو، بيروزگاري سبب ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن. سرڪاري ملازمن جون پگھارون نه ٿيون وڌايون وڃن، عام واهپي جي شين جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن، غريب ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ به پريشان آهي. حڪمرانن کي گھرجي ته مهانگائي تي ضابطو آڻن، ان سان گڏ ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگھارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.هنن چيو ته مھانگائي جي حساب سان پابنديون ختم ڪري نيون ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ پگھارون ۾ جلد کان جلد واڌ ڪئي وڃي، فوتي ملازمن جي اولاد کي ڊائريڪٽ ڀرتي ڪري ريگيولر ڪيو وڃي، اسٽاف جي کوٽ کي ختم ڪري پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، ملازمن کي رينجرز جي سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ انھن جون گرفتاريون بند ڪيون وڃن، بي او ڊي کي ختم ڪري پيپڪو کي بحال ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.