48 کرب خساري جي ڏهه هزار ارب رپين جي بجيٽ، پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ

اسلام آباد (م ڊ) نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي.ناڻي وارو وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ پيش ڪندو.وفاقي بجيٽ ۾ صوبن لاءِ 4200 ارب مختص ڪيا ويا آهن جڏهن سرڪاري ملازمن  جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 کان 15 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي.نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ خسارو 48 سئو ارب رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي جڏهن  نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ خرچ جي لاڳت 45 هزار ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ناڻي واري وزير  مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته اسٽيڪ هولڊرز کي طريقي ڪار واصح  ڪرڻو پوندو ۽ هن جي توقع موجب بجيٽ هوندي.ناڻي واري وزارت موجب دفاع، صحت، ترقيات ۽ واپار لاءِ  ترجيحي بنيادن تي وڏي رقم مختص ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل اقتصادي سروي رپورٽ پيش ڪندي سرڪاري ملازمن جي پگهارن جي حوالي سان اهم اعلان ڪري ڇڏيو.اسلام آباد ۾ اقتصادي سروي رپورٽ پيش ڪندي مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان کي چين کان 2 ارب 40 ڪروڙ ڊالر ملي رهيا آهن، سرڪاري ملازمن جون پگهارون وڌائينداسين، اسان کي رٽائرڊ ماڻهن جي پينشن به وڌائڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستاني معيشت کي درست رستي تي آڻڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ڏيوالي  جي خطري کان ٻاهر اچي ويو آهي، شيخ رشيد پاڻ چئي چڪو آهي ته صاحب صاحب بارودي سرنگهون وڇايون ويون، اهي ڪنهن سياسي جماعت لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ هيون. سندس موجب اڳوڻي حڪومت جيڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائي ها ته شايد هن وقت ايڏي مهانگائي نه هجي ها. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام تي اڻسڌن ٽيڪسن جو بار وجهڻ جي تيار ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب بجيٽ ۾ ايندڙ سال اڻسڌن ٽيڪسز جون وصوليون وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اڻ سڌن ٽيڪسن جي وصولين ۾ 1048 ارب رپين جي واڌاري جي سفارش ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب اڻ سڌن ٽيڪس وصولين جو هدف 4695 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ سڌو سئنون ٽيڪس وصولين جو هدف 2560 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.