لاهور (عوامي آواز نيوز) آمريڪا ۾ هڪ وڏي عرصي کان رهائش اختيار ڪيل صحافي شاهين صحبائي پاڪستان ۾ هر ايندڙ نئين حڪومت کان اها گهر ڪندو آهي يا اميد ڪندو آهي ته کيس سفير مقرر ڪيو وڃي، نامياري صحافي رضوان رضي پنهنجي وي لاگ ۾ ڄاڻايو آهي ته هاڻي به جڏهن اتحادي حڪومت آئي آهي ته شاهين صحبائي هڪ خطرناڪ ٽوئيٽ ڪري دراصل پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ ڪيل ٽوئيٽ بابت تفيصلي مضمون لکڻ جي ڌمڪي ڏئي هن دراصل اڻسڌي طرح پراڻي خواهش جو اظهار ڪيو بليڪ ميل پڻ ڪيو ته کيس سفير مقرر ڪيو وڃي. ٻي صورت م هو تفصيلي مضمون لکندو، بدقسمتيءَ سان شوڪت ترين هڪدم سندس لڳايل الزام جي ترديد ڪري ڇڏي ۽ آءِ ايس پي آر نه صرف ترديد ڪئي پر قانوني ڪارروائيءَ جي پڻ ڌمڪي ڏئي ڇڏي. ياد رهي ته ماضيءَ ۾ جڏهن آصف علي زرداري پاڪستان جو صدر هو ان وقت به شاهين صحبائي ان قسم جون حرڪتون ڪري پاڻ کي سفير مقرر ڪرائڻ جي گهرڪئي هئي پر موٽ ۾ کيس سخت جواب ڏنو ويو هو.