پرڏيهي سفير سوال ڪن ٿا ته ڪٿي سيڙپڪاري ڪيون: احسن اقبال

اسلام آباد ( م ڊ ) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت سي پيڪ جي منصوبن تي ڪم ناهي ڪيو، ايم ايل ون  منصوبي تي هڪ سر ناهي هنئي وئي، پرڏيهي سفير پڇن ٿا ته ڪٿي سيڙپڪاري ڪيون. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته ترقياتي بجيٽ 900 ارب مان گهٽجي 550 ارب رپين تي اچي وئي، ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي سبب آخري ٽه ماهي ۾ ڪو به پئسو نه مليو، اسان کي گهٽ ۾ گهٽ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ بجيٽ گهرجي. احسن اقبال چيو ته پرائيويٽ سيڪٽر جو دارومدار پبلڪ سيڪٽر انيوسٽمنٽ تي آهي، پاڪستان جو مستقبل جو دارومدار مضبوط دفاع سان گڏ مضبوط معيشت تي آهي، هلندڙ مالي سال 3100 ارب رپيا قرض جي ادائيگي لاءِ ڏينداسين ، ايندڙ مالي سال 3900 ارب رپيا قرضن جي ادائيگي لاءِ ڏيڻا پوندا. سندس چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته اڳوڻي حڪومت ملڪ سان ڌوکو ڪري وئي، وزيراعظم نيشنل چارٽر آف اڪانومي جي ڳالهه ڪئي آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.