فوج ۽ ٻن خاندانن60 سال حڪومت ڪري ملڪي حالتون خراب ڪيون:عمران خان

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ عمران خان پارٽي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو.جاري ڪيل پڌرائي موجب ٻن پئنلز جي اميدوارن عمران خان جي حق ۾ چونڊن تان هٿ کڻن جو اعلان ڪيو، جنهن بعد هو پارٽي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊجي ويو.هٿ کڻندڙ هڪ پئنل جي سربراهي عمر سرفراز چيما ۽ ٻي جي نريڪ محمد ڪري رهيا هئا.انٽرا پارٽي چونڊن ۾شاهه محمود قريشي وائيس چيئرمين ۽ اسد عمر مرڪزي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويا.هوڏانهن اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ  چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر لانگ مارچ جي ڪال کي سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان سلهاڙي ڇڏيو.بني گاله ۾ انٽرا پارٽي چونڊن کان پوءِ پي ٽي آءِ نيشنل ڪائونسل کي خطاب ۾ عمران خان جو چوڻ هو ته تياري ڪري ڇڏيو، ڪجهه ڏينهن ۾ احتجاج جي تاريخ جو اعلان ڪندس، صرف سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 60 سالن تائين فوج ۽ ٻن خاندان  ملڪ تي حڪمراني ڪئي، انهن ماڻهن ملڪي حالتون خراب ڪيون.هن جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن چاهين ٿا ته پي ٽي آءِ ۽ فوج ڪمزور ٿئي،اسان جي خلاف جيڪي فورسز هئا، اهي شهباز شريف جي حڪومت اچڻ سان گهڻو خوش آهن.عمران خان جو چوڻ هو ته چورن کي ايندڙ اليڪشن به کٽرائڻ جي تياري ٿي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن پهريان به گڏ هئي، باقي ادارا به تباهه ڪيا پيا وڃن، حڪومت هٽائڻ جو سبب مهانگائي نه هئي، هنن جو مسئلو ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائڻ هو.هن چيو ته پاڪستان ۾ سياسي پارٽيون نه خانداني جماعتون آهن، ان خانداني سياست  جي ڪري اسان جي جمهوريت ترقي نه ڪئي، هتي سياسي جماعتن ۾ميرٽ ناهي، جمهوريت جي نالي تي جاگيرداراڻو نظام رائج آهي.عمران خان جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو شخص جيڪو ايندڙ اليڪشن ۾ حڪمران جماعت کان ٽڪيٽ وٺڻ جو اميدوار آهي، ان کي اپوزيشن ليڊر بڻايو ويو، جنهن پارليامينٽ ۾ اپوزيشن ناهي، اها پارليامينٽ ڪيئن ٿي، اها ته ختم ٿي وئي، هنن حڪمرانن اليڪشن ڪميشن کي به سنڀالي ورتو، جيڪي پهريان ئي هنن سان گڏ هئا، هاڻي ناجائز ڪم ڪرائڻ لاءِ ادارن کي ڪمپرومائيز ڪرايو ويندو ، چورن کي مٿي آڻڻ لاءِ ملڪ جي سمورن ادارن جي تباهي ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.