پارليامينٽ ۾ نيب ۽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور، صدر جون تجويزون کل جوڳيون آهن

اسلام آباد (م ڊ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾  نيب ۽ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل منظور ٿي ويا، پي ٽي آءِ سينيٽرن بائيڪاٽ ڪيو . نيب ترميمي بل 2022 اڪثريتي راءِ سان منظور ڪيو ويو. پارليامينٽ  جي گڏيل اجلاس ۾ نيب آرڊيننس 1999 ۾ ترميم جو بل اڪثريتي راءِ سان منظور ٿي ويو. پارليامينٽ صدر طرفان موڪليل ترميمون اڪثريتي راءِ سان رد ڪري ڇڏيون آهن. نيب آرڊيننس ۾ ترميمي بل قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو هو.  اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2022ع  اڪثريت راءِ سان منظور  ٿي ويو، پي ٽي آءِ سينيٽرن جو بائيڪاٽ ڪو به ميمبر گڏيل اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو .جماعت اسلامي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سيٽون گهٽائڻ جو بل پيش ڪيو، قانون واري وزير مخالفت ڪئي. پارليامنٽ جي گڏيل اجلا س۾ اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2022ع  اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.  پارليامنٽ هائوس ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو گڏيل اجلاس ٿيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سينيٽرن گڏيل اجلاس جو اڻ اعلانيل بائيڪاٽ ڪيو آهي، انڪري پي ٽي آءِ جو ڪو به ميمبر پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيو.  پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾  اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي شق وار منظوري ڏني وئي جنهن ۾ اي وي ايم ۽ سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ اليڪشن ڪميشن کي پائلٽ پروجيڪٽ ڪرڻ جو چيو ويو آهي، ان دوران جي ڊي اي جي ميمبر غوث بخش مهر بل جي مخالفت ڪئي.  بل تحت چونڊ ايڪٽ 2017ع ۾ وڌيڪ ترميمون ڪيون ويون آهن، بل پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي پيش ڪيو. گڏيل اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي ن ليگ جي اڳوان مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته صدر مملڪت اي وي ايم ۽ آءِ ووٽنگ بابت کل جوڳيون تجويزون ڏنيون.  هن چيو ته اسان سمجهون پيا ته هو رڳو ڏندن جو ڊاڪٽر آهي، هاڻي خبر پئي ته هو ڪميپوٽر پي ايڇ ڊي پڻ آهي، اي وي ايم جي ٽيسٽنگ دوران 50 سيڪڙو ڪاميابي حاصل ٿي. مرتضيٰ جاويد عباسي وڌيڪ چيو ته صدر جي عهدي تي ويٺل شخص سياسي پارٽي جي ڪارڪن جو ڪردار ادا ڪيو، آءِ ووٽنگ لاءِ نادارا جو سسٽم مناسب ناهي، اسان موجودا قانون سازي جو فيصلو اليڪشن ڪميشن جي خط تي ڪيو آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي ڪنهن قانون تي اعتراض آهي ته شفاف چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون. اجلاس دوران سمنڊ پار پاڪستانين لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سيٽون مخصوص ڪرڻ جي ترميم پيش ڪئي وئي، جيڪا جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد خان پيش ڪئي. قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ جماعت اسلامي جي سينيٽر جي ترميمن جي مخالف ڪئي جنهن بعد پارليامنٽ جماعت اسلامي جي ميمبر جون ترميمون رد ڪري ڇڏيون.ايوان ۾ ڪنهن چونڊيل ميمبر طرفان 120 ڏينهن اندر حلف نه کڻڻ تي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جي تجويز به ڏني وئي.  نيب آرڊيننس 1999ع ۾ ترميم جو بل پڻ پارليامنٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ڪيو ويو، بل قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو.  گڏيل اجلاس دوران پارليامينٽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالوجي بورڊ بل 2022ع جي منظوري ڏني، ڄاڻايل بل آءِ ٽي جي وزير امين الحق پيش ڪيو. جنهن بعد پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪيو ويو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.