عامر لياقت پراسرار نموني فوت، مئل حالت ۾ اسپتال آندو ويو

ڪراچي (رپورٽر) قومي اسيمبلي جو ميمبر عامر لياقت ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.ڊاڪٽر عامر لياقت گهر مان مئل حالت ۾ هٿ آيو،  کيس خانگي اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽر عامر لياقت جي ملازمن جو چوڻ هو ته سندس ڪمري جو دروازو اندارن بند هو، کيس دروازو کولڻ لاءِ چوندا رهياسين پر هن در نه کوليو. عامر لياقت جي ڪالهه رات کان طبيعت خراب هئي، کيس دل ۾ تڪليف ٿي رهي هئي جڏهن ته کيس اسپتال وڃڻ جو چوندا رهياسين پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.ذريعن موجب عامر لياقت کي خدادد ڪالوني واري گهر مان ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت کي مئل حالت ۾ اسپتال آندو ويو.عامر لياقت جي ڊرائيور پوليس سان رابطو ڪيو، جنهن پوليس کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عامر لياقت جي طبعيت خراب آهي. ڊرائيور پوليس کي ٻڌايو ته عامر لياقت جي ڪمري مان گذريل ڏينهن رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيا.پوليس موجب عامر لياقت جي موت جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، سندس  گهر مان شاهديون گڏ ڪيون ويون، ملازمن ۽ ڊرائيور کان بيان ورتا ويا آهن. هوڏانهن عامر لياقت جي لاڏاڻي تي قومي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته افسوسناڪ خبر آئي آهي ته اسيمبلي ميمبر عامر لياقت لاڏاڻو ڪري ويو، ايوان جي ڪارروائي فوري طور روڪڻ گهرجي.عامر لياقت جي لاڏاڻي سبب قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام پنج وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.ياد رهي ته عامر لياقت 5 جولاءِ 1971ع تي پيدا ٿيو،  هو سال 2002ع کان 2007ع تائين ايم ڪيو ايم جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر رهيو.عامر لياقت مشرف دور ۾ مملڪتي وزير پڻ رهيو، 2018ع ۾ هن تحريڪ انصاف طرفان چونڊن ۾ حصو ورتو ۽  قومي اسيمبلي جو ميمبر بڻيو .عامر لياقت 3 شاديون ڪيون، پهرين شادي سيده بشريٰ اقبال، ٻي سيده طوبيٰ ۽ ٽئين دانيه سان ڪئي.عامر لياقت بشريٰ ۽ طوبيٰ کي طلاق ڏئي چڪو، جڏهن ته دانيه سندس گهر واري هئي، جنهن سندس خلاف ڪيس به داخل ڪيو هو.ٻئي پاسي عامر لياقت حسين جي لاڏاڻي تي سندس ٽئين گهر واري دانيه شاهه جو رد عمل سامهون اچي ويو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام اسٽوري ۾ دانيه شاهه عامر لياقت جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو.دانيه پنهنجي اسٽوري ۾ لکيو ته الله پاڪ عامر لياقت کي مغفرت فرمائي ۽ کيس جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

  • عامر لياقت ٺاهه لاءِ فون ڪئي هئي: دانيه جي ماءُ جو انڪشاف

ڪراچي:قومي اسيمبلي جي ميمبر عامر لياقت جي لاڏاڻي تي سندس ٽئين زال دانيه ملڪ جي ماءُ نوان انڪشاف ڪيا.دانيه  ملڪ جي ماءُ سلميٰ بيگم چيو ته عامر لياقت جي اوچتي لاڏاڻي جو ٻڌي کيس افسوس ٿيو.هن چيو ته ٽي چار ڏينهن اڳ ٺاهه لاءِ عامر لياقت جي فون آئي هئي.سلميٰ بيگم موجب پهرين ڏينهن کان عامر لياقت ٺاهه جو چوندو رهيو ۽ مون کيس چيو ته هاڻي معاملو خراب ٿي ويو آهي، پهريان پاڻ کي سنڀاليو پوءِ ڏسنداسين.عامر لياقت ٺاهه جو ٻڌي خوش هو، چيائين  هو لوڌران اچي معافي گهرندو.دانيه جي ماءُ موجب طلاق نه ٿي هئي، عدالت به ٺاهه جو موقعو ڏيندي آهي.سلميٰ بيگم وڌيڪ چيو ته سڪيورٽي ڏني وئي ته تدفين تي ڪراچي وينداسين.هن چيو ته پوليس اسان کان جاچ ڪهڙي سلسلي ۾ ڪري سگهي ٿي، ڇا عامر لياقت اسان سان گڏ رهندو هو، جو پوليس جاچ ۾ اسان کي شامل ڪندي.

  • عامر لياقت فوتگي کان هڪ ڏينهن اڳ ملڪ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو

ڪراچي (م ڊ) قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ٽي وي ميزبان عامر لياقت حسين جي حوالي سان انڪشاف ٿيو آهي ته هو هڪ ڏينهن اڳ ئي  پاڪستان ڇڏڻ وارو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف عامر لياقت طرفان هڪ ٽوئيٽ کي ريٽويٽ ڪري ڪيو ويو هو. ٽوئيٽ ۾ هڪ واهپيدار دعويٰ ڪئي هئي ته هن عامر لياقت سان ڳالهايو آهي، عامر لياقت پاڪستان ڇڏي اڻ ڄاتل هنڌ لڏي ويندو ۽ پهريان عمرو ادا ڪندو. اهو ٽوئيٽ عامر لياقت ري ٽوئيٽ ڪيو هو ۽ ماڻهن عامر لياقت کي گهٽ وڌ به ڳالهايو هو. ٻئي ڏينهن ئي عامر لياقت جي لاڏاڻي جي خبر سڀني کي ڇرڪائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.