بني گالا مني گالا بڻجي ويوآهي: مريم نواز

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته بني گالا مني گالا بڻجي ويوآهي، سڄو پئسو کنيو ويو،  ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ وڏو مسئلو آهي، عمران خان 5 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ وارو پاڪستان  شهباز شريف حوالي ڪيو. صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته جڏهن عمران خان کي حڪومت ملي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ نه هئي، نواز شريف ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ زيرو ڪري ڇڏي هئي، نواز شريف بجلي جا ڪيترائي ڪارخانا لڳايا، عمران خان جي حڪومت ٺاهيل بجلي جا ڪارخانا نه هلائي سگهي.هن چيو ته 30 جون تائين بجلي جا سمورا بيمار پلانٽ هلايا ويندا، لوڊشيڊنگ ۾ ترتيب وار گهٽتائي ايندي، اسان عمران خان جي نااهلي تي پٽڪو نه ڪنداسين پر ڪم ڪري ڏيکارينداسين.سندس موجب شيخ رشيد چئي رهيو آهي ته عمران خان ويندي ويندي ايندڙ حڪومت لاءِ بارودي سرنگهون وڇائي ويون، انهن کي 4 مهينا اڳ خبر پئجي وئي ته حڪومت وڃڻ واري آهي، پوءِ ان خط واري سازش جو ڊرامو ڪيو ويو. مريم نواز چيو انهن جا پنهنجا ماڻهو چئي رهيا آهن ته عمران خان چريو آهي، ان چرئي کي اجازت ڇو ڏني وئي آهي ته ڏڦيڙ آڻي؟. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.