ڪورنگي ۾ مبينا مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪورنگي (ن ع آ)ايس ايس پي ڪورنگي فيصل بشير ميمڻ جي هدايتن تي ضلعي ۾ ڏوهن جي روڪٿام لاءِ مختلف هنڌن ۽ شاهراهن تي  بيريڪيڊ پوائنٽس قائم ڪري اسٽريٽ ڪرمنلز خلاف جنرل هولڊ اپ ۽ اسنيپ چيڪنگ ڪئي وئي آهي،  ضلعي جي مختلف هنڌن ۽ شاهراهن تي اسنيپ چيڪنگ دوران 600 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين کي چيڪ ڪيو ويو، اسنيپ چيڪنگ دوران ڪورنگي پوليس ۾ ڦر جي گروهه سان به پوليس مقابلو ٿي پيو زخمي جوابدارن جي قبضي مان هڪ پسٽل، بارودي مواد، ٻه موبائيل فون ۽ هڪ چوري ٿيل ڪار هٿ ڪئي وئي، چوري ٿيل موٽرسائيڪلون پڻ پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيون،  اسنيپ چيڪنگ دوران 21 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو، حراست ۾ ورتل جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، ايس ايس پي ڪورنگي فيصل بشير ميمڻ چيو ته ڪورنگي پوليس پاران عوام جي خدمت ۽ تحفظ لاءِ کنيل قدم جاري رهندا، عوام جي جان و مال جو تحفظ پوليس جو اولين فرض آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.