حيدرآباد ۾ اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو. شهباز بلڊنگ لڳ واڌو واهه روڊ تي گذريل رات  دير سان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان وهاب پٽ محمد حميد ميمڻ فوت ٿي ويو، فوتي قاسم آباد جي ميمڻ سوسائٽي جو رھواسي ھو. پوليس موجب رات دير سان هڪ گاڏي نوجوان کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب هو زخمي ٿي روڊ تي پيل رهيو، جنهن دوران هو فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.