ميرپور بٺوري ويجهو ملاح برادري جي ڪکاون گهرن کي باهه

ميرپوربٺورو (ن ع آ)ميرپوربٺورو ويجهو گهرن کي باهه لڳي وئي، ٽائون ڪميٽي انتظاميا وٽ فائر برگيڊ نه هئڻ سبب باھ وسائڻ ۾ سخت  مشڪلاتون، ايم پي اي شاھ حسين شاه شيرازي جي نوٽيس وٺڻ بعد عملي پهچي باھ تي ضابطو آندو، انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو جي ايريگيشن محلي ۾ ڪکاون گهرن کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي جنهن سبب ڏسندي ئي ڏسندي شهر جي مين بس اسٽاپ وارو علائقو دونهين سان ڀرجي ويو، جڏهن ته اطلاع تي جيئي سنڌ محاذ ضلعي صدر نعمان شورو ۽ ٻيا ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ باھ وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٽائون ڪميٽي ميرپور بٺورو جي انتظاميا وٽ فائر برگيڊ نه هئڻ سبب باھه تي ضابطو آڻڻ مشڪل بڻجي ويو هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملندي ئي ايم پي اي شاھ حسين شاه شيرازي نوٽيس وٺندي روينيو ۽ ٽائون عملي کي واقعي واري هنڌ پهچڻ جون هدايتون ڪيون ۽ انتظاميا پاران ڳوٺاڻن جي مدد سان باھ تي ضابطو آڻي علائقي واسين کي وڌيڪ نقصان کان بچايو ويو، جڏهن ته باھ لڳڻ سبب ايريگيشن محلي جي رهندڙ ملاح برادري جي گهرن کي ڪافي نقصان پهتو آهي ۽ رهواسين ها هنڌ بسترا، کٽون ۽ ضرروت جو ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.