گڏاپ جي لاسي ڳوٺ تي چڙهائي، 2 نوجوان گرفتار، احتجاج

گڏاپ (ن ع آ) گڏاپ سھراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد لاسي ڳوٺ ۾ برفت بارادري جي گهرن تي پوليس جي چڙھائي ٻن نوجوانن اڪبر پٽ قاضي۔ شبير پٽ نور محمد کي گرفتار ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جنھن خلاف برفت برادري نعيم بابا، دين محمد، نبي بخش، شاهنواز، احمد سومار ۽ ٻين احتجاجي مظاھرو ڪري پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي مظاھرين ٻڌايو ته ھو سالن کان هتي رھائشي آھن علائقي ۾ منشيات، چوري ۽ سماجي براين جي روڪٿام لاءِ مسلسل اسين احتجاج ڪيو آھي، پوليس سماجي برائين کي روڪڻ بدران بيگناھ اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري اسان کي بلا وجه تنگ ڪري رهي آهي. اسان جي گھرن تي پوليس چڙھائي ڪري چادر ۽ چار ديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو آھي. ، اسان جي ٻه نوجوان. اڪبر ۽ شبير برفت کي گرفتار ڪري ويا آهن ۽ مٿن منشيات جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.ھنن الزام لڳايو ته سهراب ڳوٺ پوليس بغير ليڊيز پوليس جي اسان جي گهرن ۾ داخل ٿي ۽ گھر جي تلاشي  ڪري الماري مان ڏيڍ لک رپيا نقد ۽ 3 تولا سون پڻ کڻي ويا. ھنن چيو ته اي ايس آءِ سيد تراب شاه ۽ پوليس اھلڪار خليل الزمان جمالي جيڪو علائقي ۾ سماجي براين جي اڏن تان ڀتا وصول ڪن ٿا، ايوب ڳوٺ پوليس چونڪي غيرقانوني طور بحال ٿيڻ کان پوءِ اتي اي ايس آءِ سيد تراب شاهه کي مقرر ڪيو ويو آهي. جتي بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ھنن کان ڏيتي ليتي ڪئي ويندي آھي هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس جي اھڙي ناانصافين جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او سهراب ڳوٺ زبير نواز ٻڌايو ته پوليس ڳجهي اطلاع تي لاسي ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪئي. جنھن دوران منشيات فروشن پوليس تي حملو ڪري پٿراءُ شروع ڪيو گرفتار جوابدار اڪبر پٽ قاضي۔ شبير ولد نور محمد منشيات وڪري ۾ ملوث آھن سندن قبضي مان گٽڪو ۽ مائو ھٿ ڪري ٻنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.