رتوديرو ( ن ع آ ) رتوديرو لڳ ڳوٺ ساٿي خان بوذدار ۾ 14 ورهين جي نوجوان ناري حوران ڌيءَ انور علي بوذدار کي نانگ ڪکي وڌو جنهن کي وارث علاج لاءِ تعلقه اسپتال رتوديرو کڻائي اچي رهيا هئا ته ناري رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جڏهن ته اسپتال پهچڻ تي اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر پاران پڻ ناري جي فوت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي وئي فوت ٿي ويل ناري جو مڙه سندس وارث پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا ناري جو لاش سندس جي گھر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.