فريد آباد ۽ ڀرپاسي بدامني، 7 وارداتون، پوليس تماشائي بڻيل

فريدآباد ( ن ع آ فريدآباد ڪاڇي جي مختلف ڳوٺن ۾ چور ڳوٺاڻن لاء آزار بڻجي ويا آهن فريدآباد پوليس امن ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي  وئي آهي اي ايس آء برڪت چانڊيو جي ٿاڻي تي اچڻ سان ڏوهن ۾ واڌ ٿيڻ  لڳي، فريدآباد ٿاڻي جو ايس ايڇ او به خاموش اختيار ڪري ورتي آهي فريدآباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهڏنو تيوڻو جي رھواسي پورهيت رفيق احمد خاصخيلي جون نامعلوم چور چار مينهون چوري ڪري فرار، جڏهن ته ڳوٺ سيلرا ۾ نامعلوچورن رمضان چانڊيو جي دڪان کي کاٽ هڻي سمورو سامان ٻوهاري ويا،. فريدآباد ٿاڻي جي ڀرسان امداد علي خاصخيلي جي ويلڊنگ جي دڪان مان سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان چور چوري ڪري ويا، جڏهن تھ فريدآباد شهر ۾ نامعلوم چورن سيلون جي دڪان کي رات جي وقت کاٽ هڻي دڪان ۾ پيل 2 سولر پليٽون ۽ ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، هوڏانهن ڳوٺ مٿين اکڪڍائي ۾ 11 هزار پولن مان هلندڙ بجلي دوران چئن ٿنڀن جون تارون نامعلوم چور چوري ڪري ويا آهن، جڏهن ته راهب خاصخيلي جي دڪان ۽ ڳوٺ قائم جتوئي مان محب علي جتوئي جي دڪان کي نامعلوم چور کاٽ هڻي سولر پليٽون ۽ ٻيو لکين روپئن جو سامان کڻي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ وڌندڙ بدامني تي فريدآباد پوليس ذري جو به ڪنٽرول ناهي ڪري سگهي عوام جي ٻچن جو زورگار فريدآباد پوليس جي نااهلي سبب چورن حوالي ٿي ويو، ننڊا ننڊا دڪاندار قانون مان مايوسي ظاهر ڪندي چيو ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال جو فريدآباد پوليس ذميوار آهي ٿيل چوڙيون واپس نه ڪرايون ويون ته فريدآباد پوليس خلاف ڌرڻو هنڻداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.