عادلپور ۾ عورت تي تشدد ڪندڙ گرفتار نه ٿيا، احتجاج

عادلپور (ن ع آ)عادلپور ۾ ڳوٺاڻي پنهنجي برادري جي ماڻهن خلاف احتجاج مظاهرو ڪيو آهي ڳوٺ خدابخش مهر جي رهواسي امير علي مهر  عادلپور پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي ڀيڻ سخينه امام علي مهر کي ڏنل آهي منهنجي ڀيڻ کي ڏير امام دين مهر ڪجھه مهينا اڳ تشدد جو نشانو بڻايو هو جنهن خلاف مون گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي تي ڪيس داخل ڪريو هو هو بااثرن آهن پوليس جوابدارن کي گرفتار نه پئي ۽ جوابدار مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن گهوٽڪي ڪورٽ جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا آهن پوءِ پوليس گرفتار نه پئي ڪري هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدار بااثر آهن جيڪي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ منهنجي جان جا ويري بڻجي ويا آهن ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.