جيئي سنڌ هلچل تحريڪ جو اڳوڻو اڳواڻ لاڏاڻو ڪري ويو

ٽنڊومحمد خان (ڊ ر)جيئي سنڌ هلچل تحريڪ جو اڳوڻو جهونو اڳواڻ علي محمد پلي 70 ورهين جي ڄمار ۾ ڪجهه وقت علالت ۾ رهڻ بعد اوچتو دل بيهڻ جي ڪري هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم ٽنڊو محمد خان جي نوجوان صحافي ساحل اياز پلي،  قمر پلي، آفتاب پلي، ڪامران پلي، امتياز پلي، اصغر پلي ، عرفان پلي  جو والد بزرگ هو مرحوم جي جنازي نماز ٽنڊو محمد خان شهري جي مير غلام علي پارڪ ۾ ادا ڪئي وئي . مرحوم جي تدفين سندس ابائي قبرستان سيراڻي شريف ڀرسان ڳوٺ پنهون پلي ضلعي بدين ۾ ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري، ميونسپل ڪميٽي جي اڳوڻي وائيس چيئرمين سردار شفيق احمد ڀٽي ، محمد جمن ڪيهر،  تعليم کاتي جي مانيٽرنگ ڊسٽرڪٽ آفيسر عبدالحليم لغاري، ٽي او تعليم راجا نثار ميمڻ ، شهري اتحاد جو صدر نور حسن کوکر ، آصف چانڊيو ، سول سوسائٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر لطف ٽالپر ، سنڌي ادبي سنگت جي ضلعي رابطه سيڪريٽري اعظم ڀٽي ، اڳوڻو اسسٽنٽ ڪمشنر غلام رسول سومرو ، مختيار ڪار زوهيب ميمڻ ،  پ پ سٽي جو صدر معشوق ڀٽي ، پير احمد جان سرهندي ،  غلام نبي ڪيريو ، سينئر صحافي امتياز مڱريو ،  يونين آف جرنلسٽ جو صدر ذوالفقار چانڊيو  مظفر خان رند ، پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري عبدالجبار بلوچ ، نوجوان صحافي شعيب ڪيريو ، شبير خان ميرجت ، عبدالحفيظ ميمڻ ، سول سوسائٽي جي عبدالحفيظ سٺيو ، رشوان رند ، راجا سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي . مرحوم جي وفات سلسلي ۾ سندس ٽنڊو محمد خان شهر جي پير پاڙي ۾ تعزيت لاءِ تڏو وڇايو ويو آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.