ڪوٽڙي جي پورھيتن جو حق نه ملڻ خلاف ڌرڻو، ڳالهيون ڪامياب

ڪوٽڙي(رپورٽ : جبار ڪابورو ) ڪوٽڙي سائيٽ ۾ قائم عوامي ڪاٽن مل جي پورھيتن کي مل انتظاميا پاران جبري طور تي برطرف ڪري  پورھيتن لاء مل جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا  پورھيتن مل جي مک گيٽ اڳيان مسلسل ستن ڏينھن کان ڌرڻو هڻي ويٺل ان موقعي تي پورھيتن خالق ساريو ـ شھريار گوپانگ ـ عرفان ملاح چيو ته پنھنجن حقن لاء احتجاج ڪرڻ اسان لاء ڏوھ بڻجي ويو آھي پورھيت جي پگهار ۾  واڌ لاء احتجاج ڪيوسين ته مل انتظاميا اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي جبري طور نوڪرين کان برطرف ڪري ڇڏيو آھي مسلسل ستنن ڏينھن کان احتجاج ڪري رھيا آھيون انتظاميا جي ڪن تي جون به نٿي چري ليبر کاتو مسئلا حل ڪرائڻ بجاء منجھائي رهيو آهي  ھنن مطالبو ڪندي چيو نوڪرين تي بحال ڪري سمورا حق ڏنا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.