ڄام نواز علي ۽ ڀرپاسي پاڻي کوٽ، آبادگارن جو احتجاج

ڄام نوازعلي (ن ع آ) ڄام نوازعلي ۽ ڀرپاسي جي شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڄام براچ جي سونهري لنڊي شاخ   ڀوڀر شاخ ۽ نئوآباد جي  پاٽويون شاخ شاهو شاخ جي هارين ۽ آبادگارن سان ناانصافي ظلم ناحق منڍ وارن بااثر ماڻھن شاخ جي منڍ ۾ غير قانوني طور واٽرٽٽل پائيپ ونجهيون هڻي ڇڏيون. پڇڙي جا آبادگار سخت پريشان. ڄام نوازعلي جي ٻيراڻي ڊسٽري مان نڪرندڙ لنڊي شاخ  ڀاڏرشاخ جي آبادگار علي شير, سجاد صادق رند جي اڳواڻن آبادگارن اخبار وارن کي دانهيندي چيو ته غريب آبادگارن هارين سان ظلم ۽ جبر جاري آهي، منڍ وارا بااثر ماڻھو آبپاشي عملدارن ايس ڊي اي او،  داروغو، بيلدار سان ملي ڀڳت ڪري غير قانوني واٽر ٽٽل ونجھيون ۽ نوليون لڳرائي ڳري رشوت وٺي پڇڙيءَ جي آبادگارن جو پاڻي سرعام وڪرو ڪرڻ لڳا آهن. هنن چيو ته پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري اسان جا فصل سڪي سڙي رهيا آهن جنهن سبب اسان سخت پريشان آهيون. هنن اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته چيو ته اسان اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته هي ظلم بند ڪرايو وڃي ته جيئن اسان پنهنجا فصل آباد ڪري سگهون ٻئي صورت ۾ وسيع احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.