ڪلوئي ۽ ڏيپلي ۾ چنڪاري هرڻن جو شڪار

ڪلوئي (ن ع آ)ٿرپارڪر جي سونهن ناياب نسل جي چنڪاري هرڻن جو تعلقي ڏيپلو ۽ ڪلوئي جي مختلف علائقن ۾ جاري آهي جنهن ڪري علي بندر ساروھوڙ کيرڙو کيتلاري دونهائي سميت ٻني تعلقن ۾ شڪار جاري آهي جنهن ڪري ناياب نسل جي چنڪاري هرڻن جو نسل خطري ۾ اچي ويو آهي جڏهن ته وائلڊ لائف کاتي جو ڪنزرويٽر اياز رند ۽ مير غفور ڪيترن ڏينهن کان ويزا تي ويل آهن جڏهن ته تعلقي ڪلوئي ۽ ڏيپلو جا گيم انسپيڪٽر پڻ منظر عام تان غائب بڻيل آهن جنهن ڪري جهنگلي جيوت جو قتلام جاري آهي جڏهن ته مقامي ڳوٺاڻن نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هتي ناياب نسل جي هرڻ جي شڪار لاءِ شڪارين جا ٽولا لٿل آهن جيڪي وائلڊ لائف کاتي جي گيم انپيسڪٽرن جي معرفت شڪار ڪري رهيا آهن پر کين ڪير روڪڻ وارو نه آهي جنهن ڪري جهنگلي جيوت جي سري عام نسل ڪشي ٿي رهي آهي هتي جي رهواسين سيشن جج ٿرپارڪر ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کان مطالبو ڪيو ته مهرباني ڪري وائلڊ لائف کاتي جي عملدارن کي آفيس ۾ رهڻ جو پاپند ڪيو وڃي ۽ جئين شڪارين خلاف قانوني ڪارروائي ٿي سگهي. رابطو ڪرڻ تي گيم کاتي جي ڪنويٽرر اياز رند ٻڌايو ته مان ڪنهن ڪم سان مير پور خاص آيل آهيان پويان اسان جو ماڻهو ويٺل آهي ايئن چئي هن پنهنجو موبائيل فون بند ڪري ڇڏيو اڳتي وڌيڪ موقف معلوم نه ٿي سگهيو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي آفيس ۾ ويٺل عبدالغفور چيو ته مونکي ڪا به خبر نه آهي ته شڪار ٿئي ٿو يا نه.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.