سکر( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي پنوعاقل سعيد شيخ کي معطل ڪري سي پي او ڪراچي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ طرفان ڊي ايس پي خلاف جاچ ڪرائي ويندي. ڊي ايس پي پنوعاقل سعيد شيخ طرفان ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي مٿس تذليل جو الزام لڳايو هو.