سي آءِ اي خيرپور جي ڪارروائي، منشيات سان ڀريل وين هٿ

خيرپور( ڊ ر )خيرپور سي آءِ اي پوليس خيرپور جي ڪاروائي بين الصوبائي منشياف فروش گروپ جي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي  منشيات سان ڀريل ويگن هٿ ڪيس داخل ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سي آءِ اي جي انچارج ڊي ايس پي امداد سولنگي کي ڳجهو اطلاع مليو ته منشيات سان ڀريل ويگن رجسٽريشن نمبر JF-4364  بلوچستان جي علائقي خضدار کان سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن منشيات فروشن کي چرس ۽ ٻيون منشيات جون شيون وڪرو ڪرڻ لاءِ قومي شاهراه باءِپاس ٻٻرلوءِ وٽ ايس ايس پي خيرپور جي حڪم تي  ڊي ايس پي سي آء اي امداد سولنگي ۽ انسپيڪٽر گل محمد مھر قومي شاھراه تي ناڪابندي ڪري بين الصوبائي منشيات فروش گروپ جي ٻن جوابدارن عبدالمالڪ ۽ ڪليم الله کي گرفتار ڪري منشيات سان ڀريل ويگن هٿ ڪري ورتي آهي گرفتار جوابدارن جي قبضي مان هڪ ويگن رجسٽريشن نمبر JF-4364 جنهن مان 3 مڻ چار کلوگرام چرس هٿ ڪيو ويو آهي گرفتار جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي وئي پڇا ڳاڇا دوران جوابدارن ٻُڌايو ته اسان بلوچستان جي علائقي خضدار مان منشيات کڻي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ وڪرو ڪندا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.