حيدرآباد ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ بااثرن خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ماتلي جي ڳوٺ خيرو بوزدار جي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن وڏي انگ ۾ پوليس ۽ بااثر ماڻهن جي ظلم خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس  ڪلب سامهون خدا ڏنو ڪوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڳوٺ ۾ ڪوري برادري جا بااثر ماڻهو پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جو سرعام ڪاروبار ڪري رهيا آهن، جن کي روڪڻ تي هنن خدا بخش تي تشدد ڪري رتو رت ڪري ڇڏيو ۽ ٻارڙن تي پڻ تشدد ڪيو آهي ۽ هاڻ ته هو ٻچن کي اسڪول به نه ٿا ڇڏن. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي ماتلي پوليس ۽ بااثر منشيات فروشن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آڻي تحفظ ۽ انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.