ٽنڊي الهيار ۾ عدالت ٻاهران نوجوان کي پوليس کنڀي وئي، احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)ٽنڊوالهيار ڪورٽ ٻاهران نوجوان کي پوليس مبينا طور کنڀي وئي ، وارث عورتن جو پريس ڪلب تي پھچي دانهون رڙيون ،  احتجاج ،  ھڪ عورت احتجاج ڪندي بيهوش ٿي وئي. خبر موجب ٽنڊوالهيار شهر جي خانزاده ڪالوني جي بلوچ برادري جي عورتن جو ڪورٽ ٻاهران پوليس پاران نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي بلوچ برادري جي عورتن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان ابراهيم بلوچ کي ون فائيو پوليس کنڀي وئي آهي. پوليس بيگناه هر روز اسان جي نوجوان کي تنگ ڪندي هئي اڄ عدالت پيشي تي آيل هو ته کنڀي وئي آهي نوجوان کي آزاد ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي پاسي رابطو ڪرڻ تي ون فائيو انچارج ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان نوجوان کي نه کنڀيو آهي ، اسان کي خبر ناهي نوجوان کي ڪنهن کنڀيو آهي اسان تي لڳايل الزام بي بنياد آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.