راڻيپور(ن ع آ) سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ نظير احمد کوسو ڪوڙو چيڪ ڏيڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي هڪ ڄڻي زرار حسين ملاح کي ٻه سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جوابدار ڪجهه عرصو پهريان هنگورجا واسي عاشق حسين سهتو کي 8 لک روپين جو ڪوڙو چيڪ ڏنو هو. جنهن جو ڪيس راڻيپور ڪورٽ سڳوري ۾ هلندڙ هو جنهن جي سول جج اڄ فتوا ٻڌائي جوابدار کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي.