راضي ديرو (ن ع آ) راضي ديرو اڳڙا حد جي علائقي ۾ بدامني چوٽ ھجڻ سبب اڄ رات جو راضي ديرو شهر واسي شاهنواز عرف شانو ڀٽي سبزي واري جي اٽي جي چڪي جي دوڪان کي نامعلوم چور کاٽ هڻي انويٽر موٽر ۽ ڪڻڪ جا ڀريل ڪٽا چوري ڪري فرار ٿي ويا ، اڳڙا حد جي پوليس اگھور ننڊ ۾ ستل هجڻ سبب چوريون روز جو معمول بڻيل آهن.