چين طرفان خلا ۾ سولر انرجي پلانٽ لڳائڻ واري انوکي منصوبي تي ڪم شروع

چين خلا ۾ دنيا جي پهرين شمسي توانائي سان ڪم ڪندڙ پاور پلانٽ جي منصوبي تي ڪم شروع ڇڏيو آهي.

ان منصوبي تحت چين 2028ع تائين خلا ۾ شمسي توانائي کي واپس زمين تي موڪلڻ ۾ ڪاميابي جو خواهشمند آهي.

هڪ رپورٽ موجب چين طرفان هڪ سيٽلائيٽ کي ٽيسٽنگ طور زمين جي مدار ۾ اُماڻيو ويندو جتي هو سج جي روشني کي جذب ڪري سولر انرجي جي ڪجهه مخصوص هنڌن تي واپس بيم ذريعي جي موڪليندو.

اها توانائي پهريان مائيڪرو ويوز يا ليزر ۾ تبديل ڪئي ويندي ۽ وري ان کي ڪنهن ٻي جاءِ تي منتقل ڪيو ويندو.

ماهرن کي اميد آهي ته خلا ۾ تيار ٿيندڙ شمسي توانائي وڌيڪ فائديمند هوندي ڇاڪاڻ ته اتي سولر پئنلز کي سج جي وڌيڪ شدت واري روشني ملي سگهندي.

سندن چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي ٽيڪنالوجي جيڪڏهن وڏي پئماني تي موجود هوندي ته دنيا جي مختلف ملڪن کي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي خارج ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملي سگهندي ۽ موسمياتي تبديلين جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ممڪن هوندو.

چين 2060 تائين پنهنجي ملڪ کي ڪاربن فري بڻائڻ جو ارادو رکي ٿو، مختلف ملڪن طرفان خلا ۾ شمسي توانائي حاصل ڪرڻ جي منصوبن تي غور ڪيو پيو وڃي پر اڃا تائين عملي طور ان تي ڪم ناهي ٿي سگهيو، پر هاڻي چين طرفان ان تي عملدرآمد کي تيز ڪيو پيو وڃي.

چين طرفان جنهن سيٽلائيٽ کي آزمائشي طور اُماڻيو ويندو اها 10 ڪلو واٽ بجلي تيار ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.