”گاڏيون پيٽرول پمپ ڏانهن ڊوڙائڻ بدران روڊن تي بيهاري احتجاج ڪيو“

پيٽرول جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قيمتن تي اداڪار احسن محسن اڪرام عوام کي مشورو ڏنو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اداڪار احسن محسن اڪرام چيو ته اسان ڇو پنهنجون گاڏين جون ٽينڪيو فُل ڪرائڻ لاءِ  پيٽرول پمپ ڏانهن ڊوڙي رهيا آهيون؟ اسان کي گهرجي ته گاڏيون روڊن تي بيهاري ڇڏيون.

اداڪار وڌيڪ لکيو ته اسان کي تيستائين روڊن تي احتجاج ڪرڻ گهرجي جيستائين حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ گهٽتائي نٿي ڪري.

احسن محسن لکيو ته ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان کي پنهنجو حق ڪو به نه ڏيندي، اسان کي وڙهي اهو حاصل ڪرڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.