راڻا ثناءُ الله، عمران خان کي چونڊن تي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي چونڊن تي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي.

هڪ انٽرويو ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان ويهي ڳالهيون ڪري، چونڊون آڪٽوبر ۾ ڪرائڻيون آهن يا اڳتي، هي شيون حل ٿي سگھن ٿيون.

هن چيو ته عمران خان جي 25 مئي جي الٽيميٽم کان پهريون (ن) ليگ جو موقف هيو ته پيٽرول مهانگو ڪرڻ بدران اليڪشن ۾ هليا وڃون پر عمران خان جي ضد ۽ غير جمهوري روين جي ڪري اتحادين چيو ته عمران خان جي چوڻ تي چونڊون نٿا ڪرائي سگھون.

راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته ڪو به لانگ مارچ اسلام آباد طرف ٻن صورتن ۾ وڌي سگھي ٿو، حڪومت اجازت ڏئي يا سپريم ڪورٽ، ان کانسواءِ ڪو مارچ نٿو اچي سگھي.

گھرو وزير چيو ته عمران خان ڀلي لانگ مارچ جي تياري ڪري ۽ تاريخ جو اعلان ڪري، هو سمجهي ٿو هي جيڪو چاهين ٿا، ان تي سموري قوم کي راضي ڪرڻو پوندو.

هن وڌيڪ چيو ته ڇا ليڊر آف هائوس جي ليڊر آف اپوزيشن سان هٿ ملائڻ بنا نظام هلي سگھي ٿو؟ عمران خان ساڍا 3 سال اهو ئي ڪيو آهي، عمران خان هاڻي اپوزيشن ۾ آهي ته چوي ٿو ته هو حڪومت کي نٿو مڃي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان جو نالو في الحال اي سي ايل تي ناهي، اڳوڻي وزيراعظم ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جا شاهد موجود آهن، هن کي گرفتار ڪرڻ گھرجي.

سندس چوڻ هو ته فرح خان (گوگي) ذريعي جيڪا رشوت ورتي ويندي هئي، ان جي جاچ ٿي رهي آهي، ان ۾ وقت لڳندو، نئون نيب چيئرمين جيئن چاهيندو ائين جاچ ڪندو، اسان جو ڪو واسطو نه هوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.