شيخوپورا ۾ هٿياربندن جي ڪار تي فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

 

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) شيخوپورا ۾ ڪار تي فائرنگ جي واقعي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس موجب ڪار سوار ماڻهو لاهور کان پنهنجي گھر مريدڪي وڃي رهيا هئا ته ان دوران تاڙ ۾ ويٺل جوابدارن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ چار ئي ماڻهو مارجي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، جن ۾ عادل بٽ، عاصم بٽ، ڪاشف ۽ خالد شامل آهن، جڏهن ته انهن سمورن ماڻهن جو واسطو مريدڪي جي علائقي هدوڪي سان هيو.

پوليس موجب چئن ماڻهن جو قتل شروعاتي طور پراڻي دشمني لڳي پيو پر واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

ٻئي پاسي پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ گھري ورتي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.