پيغمبرِ اسلام بابت گستاخاڻي ٽوئيٽ تي بي جي پي اڳواڻ گرفتار

پاڻ سڳورن صلعم جي شان ۾ گستاخاڻي ٽوئيٽ تي بي پي پي اڳواڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب بي جي پي جي يوٿ ونگ يووا مورچا اڳوڻي سيڪريٽري هرشيت سريواستو کي اسلام مخالف بيانن تي گرفتار ڪيو ويو آهي، مٿس نفرت جوڳن ٽوئيٽ ذريعي امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جو الزام آهي.

هرشيت سريواستو کي بي جي پي ترجمان نوپور شرما جي گستاخاڻي بيانن تي 4 ڏينهن کانپوءِ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هرشيت جي ٽوئيٽ کي پڻ ڊليٽ ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.