ڊالر جي اوچي اڏام رُڪجي وئي، انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ سستو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مسلسل ڪيترائي ڏينهن واڌ کانپوءِ ڊالر جي اگهه ۾ اڄ گهٽتائي ٿي آهي.

ڊالر جو انٽر بئنڪ ريٽ 202 رپيا، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ريٽ 203 رپين کان هيٺ اچي ويو.

آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ 1.30 رپيا گهٽتائي ٿي ۽ اهو 201.52 رپين جي سطح تي اچي ويو.

اهڙي ريت اوپن مارڪيٽ ڪرنسي مارڪيٽ ۾ به ڊالر رپيو گهٽتائي سان 202.50 رپين جي سطح تي بند ٿيو.

آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي بحالي ۽ حڪومت طرفان پرڏيهي ڪرنسي تي پابندي جي ترديد جهڙن عملن سبب ڪاروباري هفتي جي ٽئين ڏينهن ڊالر جي اوچي اڏام جو سلسلو رڪجي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.