ڪتاب ”وڃن سور سنڌا ڪيو “ ۽ محمد خان ابڙو

اشرف علي کهاوڙ

مان 4_ اپريل 2022 تي پنهنجي پياري دوست اختر ڪاڪيپوٽي جي طبعيت پڇڻ لاءِ سندس

ڪراچي واري گهر وڃي پهتم ته سندس هٿن ۾ شاھه ڀٽائي جي شعر مان ورتل سٽ ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ جي عنوان وارو محمد خان ابڙي جو ڪتاب ڏٺم، کائنس محمد خان ابڙي جو سيل نمبر ۽ ڪتاب ورتم. اختر ڪاڪيپوٽيم ڪتاب جي ڏاڍي تعريف به ڪئي. ان کان پوءِ ترت ئي ڪنهن ڪم سانگي محمد خان ابڙي سان روبرو ملاقات ٿي۽ هن پڻ مون کي پنهنجو ڪتاب تحفي طور ڏنو

محمد خان ابڙي سان منهنجي دوستي 1974 ع ۾ سائين جي ايم سيد جي بنگلي کان ئي جيڪا اڄ تائين قائم آهي. 1976 پر مان به سنڌ يونيورسٽي شاگرڊ سنگت يونين جو جنرل سيڪريٽري ٿيس ته محمد خان به سيوهڻ ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري ٿيو، اسان ٻئي ساڳي تنظيم جا هئاسين. محمد خان ابڙي کان اڳ به سيوهڻ ۾ جيئي سنڌ هئي پر هن جي اچڻ سان اڃا وڌيڪ طاقتور ٿي پئي جنهن سان پوري دادو ضلعي ۾ ڌاڪو ڄمي ويو، ان وقت سيوهڻ جي گادي نشين جي اولاد مان حاجن شاهه لڪياري سپاف دادو جي صدر سان مهاڏو اٽڪائي بيٺو پر محمد خان ابڙي پنهنجي همت، حڪمت عملي ۽ نياز نوڙت سان سڀني کي پنهنجو ڪيو ۽ سڀ وڏا بت ڊهي پيا.

محمد خان ابڙو. اصول پرست ۽ سچو قومي ڪارڪن رهيو آهي، سچ منهن تي چوڻ، اصول جي بنياد تي

سِر ري تي رکڻ ۽ پوءِ ڪنهن جي پرواھ نہ ڪرڻ سندس عادت ۾ شامل آهي. هن جو موقف آهي ته سچ ته بيٺو نچ، اهڙي قسم جا انسان ڪي ورلي پيدا ٿيندا آهن. هن جو مقصد اڳ به ساڳيو هو ۽ هينئر به ساڳيو ئي آهي ته سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت بنا لٻاڙجي ڪري ڏيکارجي جيڪا هو مسلسل ڪري رهيو آهي.

محمد خان ابڙي پنهنجي هن آتم ڪٿا ۾ عبدالواحد آريسر(جيڪو جيئي سنڌ محاذ جوچيئرمين رهيو)

بابت لکي ٿو ته:جيڪي اصولي موقف کان هٽجي وڃن. انصاف نه ڪن ۽ پسند ناپسند چمچاگيري تي هجن اُتي مون (محمد خان ابڙي) جهڙا ڪردار ڪيُن پسند ڪيا ويندا جيڪي پنهنجي اصول تي اٽل بينا هجن. ۽ اها ڳالهھ محمد خان ابڙي جي سو فيصد سچ ۽ صحيح آهي ته هو اسان جهڙن کي پسند نه ڪندا هئا.ڳالهھ حقيقت تي ٻڌل آهي آئون پڻ ان ڳالهه جو اکين ڏٺو نه رڳو شاهد آهيان بلڪ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جا ان دور ۾ چونڊجي آيل ليڊر به ان ڳالهه جا شاهد آهن ۽ اهو ھيو به منهنجو دور. محمد خان جي اهڙي جرئت وارو موقف ان وقت شايد ڪنهن ٻئي وٽ نه هئو هيءُ سچ تي هر ڪنهن سان اٽڪي به پوندو هئو

ان دور ۾ شيخ ايازکي ڀٽي صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر مقرر ڪيو جنهن سان گڏوگڏ کيس بي تحاشا پسُسو ۽ اختيار ڏنا جنهن جي انڊر ۾ انجيئرنگ ڪاليج ڄامشورو، نواب شاھ. ايل ايم سي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پوءِ خيرپور يونيورسٽي ڪٿُمپ وغيره هئا ۽ هو اڇي ڪاري جو مالڪ هئو هن جي وائيس چانسلر ٿي اچڻ تي جيئًي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران سندس استقبال ڪيو ويو. آرٽس فئڪلٽي ۾ ان وقت قاسم ٻگهيو ۽ مير مولا بخش لغاري جيڪو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو مرڪزي صدر هو(جنهن ۾ اسين پڻ موجود هُياسين) ان جي حق پر نعرا لڳايا ويا.

پر اها خبر نه هي ته شيخ اياز( جيڪو سنڌ جو آواز آهي) هڪ ايجنڊا کڻي آيو هو ته جيئي سنڌ

اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو خاتمو آڻي، ان جاءِ تي سرڪاري حمايتي تنظيم ”سپاف” کي قائم ڪجي جنهن جي شروعات هن اچڻ شرط ڪري ڏني.

محمد خان ابڙي جي جدوجهد رنگ لاتو ۽ هن جيڪي تعميري ڪم ڪرايا اهي اڄ به سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙا آهن جنهن ڪري محمد خان ابڙي جي اڄ به نمايان عزت ۽ احترام ڪندي پنهنجا توڙي پرايا ساڻس محبت رکندا اچن ٿا.

هن پنهنجي ڪاليج جي بلڊنگ کي چوديواري ڏيارائي جڏهن هو سيوهڻ ڪاليج جو جنرل سيڪريٽري ٿيو ڪاليج ۾ مئٿميٽڪ جو ليڪچرار ڪو نه هيو. خاص ڳالهه ته شاگردن ۾ به مئٿ پڙهندڙ هڪڙو ئي هيو.

جنهن لاءِ ليڪچرار مقرر ڪرايائين. سيوهڻ جي هڪ ڳوٺ جان محمد ڀٽي جي واٽر سپلاءِ منظور ڪرايائين. سيوهڻ کان جڏهن اسٽيٽ بينڪ ۾ نوڪري ورتائين ته اسٽيٽ بينڪ ۾ هي پهريون سنڌي هو جنهن رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. هن ڊيموڪريٽڪ ورڪرز يونين اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان رجسٽرڊ ڪرائي جنهن جو صدر ۽ سر پرست اعليٰ ٿيو

يونين جي حلف برداري ۾ گورنر اسٽيٽ بينڪ هميشه صدارت ڪندو هو. جيڪو مهمان خاص ٿيو ۽ صدارت محمد خان ابڙي ڪئي ۽ گورنر جي تقرير کان پوءِ هن ان جا ڏند کٽا ڪري وڌا، گورنر جي ڏنل پاليسي جيڪا ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف جي هئي. جنهن ۾ هزارين ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏئي فار غ ڪرڻو هو ان کي محمد خان ابڙي مڪمل طور تي رد ڪري يونين ۽ ملازمن جو مورال اپ ڪري کين سرخرو ڪيو.

هي واحد سنڌي اڳواڻ هيو جنهن 14 سال پورهيت دوستي جي جذبات جي سچي ترجماني ڪئي. ان کان علاو؛ ڪراچي ۾ سنڌي وسندين جهڙوڪ شانتي نگر ۽ سچل ڳوٺ قائم ڪرائڻ ۾ پيش پيش رهيو ۽ اڄ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، کيس ڪرسي تي ويهندي ڏسي ۽ جهڙي طريقي سان هو ماڻهن کي ڊيل ڪري ٿو ۽ کين عزت ڏئي ٿو ڏسي دل با غ بهار ٿي وڃي ٿي. تنهن کي منهنجي دعا آهي ته هڪ ڏينهن کيس منسٽر ٿيندي ڏسان. الله ڪندو آمين.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.