لاڙڪاڻي سينٽرل جيل ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي، رينجرز جي پهچڻ تي قيدين ۾ ڦڙڦوٽ

لاڙڪاڻو (رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو)لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ اٺين ڏينهن به ڇڪتاڻ جاري رهي، ڪنهن  به اڻوڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جيل ٻاهران رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا.ان کان اڳ جيل انتظاميه رينجرز کان مدد طلب ڪئي، جنهن بعد رينجرز جي ونگ ڪمانڊر جي سربراهيءَ ۾ رينجرز جي وڏي نفري سينٽرل جيل پهتي. رينجرز عملدارن جي آمد جي موقعي تي رينجرز جا وڏا اٽالا جيل ٻاهران بيٺل رهيا ۽ جيل ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، ان دوران جيل پوليس جي اهلڪارن برجن تي چڙهي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو، اهڙي صورتحال سبب قيدين ۾ خوف ۽ حراس ڦهلجي ويو. هوڏانهن قيدين جيل انتظاميه خلاف پنهنجا وڊيوز وائرل ڪندي احتجاج پڻ ڪيو، جنهن ۾ هنن دانهيندي الزام لڳايو ته جيل سپرنٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ پنهنجي مقرري کان پوءِ مسلسل قيدين سان ذاتي دشمني ڪري ظلم پيو ڪري جيڪو پاڻ جيل سپرنٽيڊنٽ جي حيثيت سان نه پيو هلي ۽ نه ئي قيدين کي قيدين جي نظر سان ڏسي مسئلا حل ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته هن وقت به جيل سپرنٽيڊنٽ برجن تي پوليس اهلڪار چاڙهي ڇڏيا آهن جنهن مان لڳي پيو ته جيل انتظاميه قيدين خلاف وڏي آپريشن جي تياري ڪري شيلنگ جو پروگرام ٺاهيو آهي. هنن الزام لڳايو ته جيل سپرنٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ 8 ڏينهن کان مسلسل ناجائزيون ڪري هينئر اسان جي 8 قيدين کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن جنهن مان اسان جي جانين کي خطرو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.