ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ مڪاني ۽ عام چونڊن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪري ڇڏي. پنھنجي بيان منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي نه ٿينديون، مخالفن کي شڪست ملندي ۽ عام چونڊون 2023ع ۾ ٿينديون. هن چيو مون کي لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ جا وڏا رانديگر جيل ۾ هوندا ۽ اسان حڪومت ڪري رھيا ھونداسين. سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪ کي سٺي نموني نه هلايو، عمران جي حڪومت ۾ ڊالر مهانگو ٿيو، ماڻهن کي نه گهر مليا ۽ نه نوڪريون مليون، عمران خان احتساب جو جيڪو شوشو ڇڏيو هو، هاڻي پاڻ به ان ئي احتساب کان ڊڄي رهيو آهي. 03